اجيب 1

اجيب 1 (Ajaib-I): پوئين تهذيب '>سنڌو تهذيب (Late Harappan Period) جو هيءُ ماڳ هندستان جي ميهام شهر کان 20 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف، 2907'15'' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7630'25'' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، ڳوٺ اجيب کان 500 ميٽرن جي پنڌ تي اجيب- پسني روڊ تي، اجيب ڳوٺ جي اتر ۾ موجود آهي. مقامي طور هن ماڳ کي ‘کيراجي’ نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن ماڳ کي موجوده دور ۾ سم ۽ ڪلر وڪوڙي ويو آهي. ماڳ ٻن هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. ماڳ جي چوڌاري پوکون ٿيل آهن. سڄي دڙي تي ٺڪراٺو (PWG) پکڙيل آهي، جيڪو پوئين سنڌو تهذيب واري ٺڪراٺي ۽ ڀوري چٽيل ٿانون سان ڀريل آهي. ٿانون جي ٽڪرن ۾ وڏا ٿانو، گندڙا، پيالا، پاٽوڙا، ٿالهيون وغيره شامل آهن. هتان ڪجهه مڻيا به مليا آهن. هتي ڪل ٻه دڙا آهن، ٻيو دڙو وچين تاريخي دور سان واسطو رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو